اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل مضبوط جمهوري?? سان واڳيل آهي ۽ ان ئي رستي تي هلي اسان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي يقيني بڻائي سگهون ٿا. هو ڪنوينشن ??ين??ر ۾ 70 هين جشن آزاد?? جي موقعي تي جهنڊي ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان کان اڳ هن وزيراعظم محمد نواز شريف سان گڏ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف کانسواءِ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي وزير، سروسز چيفس، مختلف ملڪن جا سفير، خاتون اول بيگم محموده ممنون ۽ معاشر?? جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تحريڪ پاڪستان جهڙي جدوجهد جي ضرورت آهي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جمهوريت کي هڪ مسلمان جي زندگي جو لازمي حصو تصور ڪندو هو ۽ ان کي اڳيان وڌائڻ کي فرض سمجهندو هو.
پاڪستان جو مستقبل مضبوط جمهوريت سان واڳيل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری