حافظ آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف اقتدار جي نه پر س??ائين قدرن جي سياست ڪئي آهي، محمد نواز شريف هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو، ??وا??ائي بحران مان ڪ??يو. هو حافظ آباد پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. قومي صحت واري وفاقي وزير س??ئره افضل تارڙ پڻ تقريب ۾ شريڪ هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سمورن نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏي??دي چيو ته حلف نامي ۾ هڪ اهڙي شيءَ جو به اضافو ڪرڻ گهرجي جيڪو سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪندو هجي ڇو ته جهڙي طرح صحافي پنهنجي ق??م جي طاقت ذريعي واقعي يا خبر جي اصل مقصدن کي پيش ڪن ٿا ان سان پاڪستان مستحڪم ٿئي ٿو ۽ انهن سمورين شين جي آگاهي ٿئي ٿي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو