اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فرا?? چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿو، حڪومت طرفان ميڊيا تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ يا مداخلت هرگز نه آهي، آزادي صحافت ۽ جمهوريت کي هڪٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم تصور ڪريون ٿا، ميڊيا بابت مسئلن جي حل ۾ شفافيت ۽ ميرٽ يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پي اين اي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفاقي و??ير سان ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ا??بر حسين دراني ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) شاهيره شاهد به ملاقات ۾ موجود هيون، وفد اطلاعات واري و??ير کي ميڊيا جي صنعت کي درپيش مسئلن کان تفصيلي آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج