اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر سينيٽ جي پولنگ بوٿ ۾ ڳجهي ڪئميرا لڳائڻ جو ڊرامو رچايو آهي، جن واردات ڪئي اهي پاڻ ئي واردات واري ج??ءِ تي پهچي ويا، مخالف ڌر کي اهڙو ڊرامو ڪ??دي شرم اچڻ گهرجي، پئسي جو استعمال، ڌمڪي ۽ ڌانڌلي مخالف ڌر جو مشغلو رهيو آهي، اسان ڳجهيون ڪئميرائون لڳائڻ جي واقعي جي تهه تائين وينداسين، ذميدارن کي بي نقاب ڪيو ويندو، اسا?? جي ڪوشش آهي ته ملڪ کي ڪرپٽ ٽولي کان ڇوٽڪا??و ڏياريو وڃي، واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان پهرين ڏينهن کان شفافيت ۽ شو آف هينڊز جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي، جنه?? جي ل??ءِ اسان عملي طور تي پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ وياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پريس بريفنگ روم ۾ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائي??دي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽ جي نون چونڊيل ميمبر?? جي حلف برداري کان اڳ مخالف ڌر جي ڪڌي سازش بي نقاب ٿي وئي آهي، انهن ماڻهن پاڻ واردات ڪئي ۽ پاڻ ئي واردات واري ج??ءِ تي پهتا، اهي اهڙي طرح جي ڪاررواين جا ماسٽر مائينڊ آهن، اسان ڳجهيون ڪئميرائون لڳائڻ جي واقعي جي تهه تائين وينداسين ۽ ذميدارن کي بي نقاب ڪيو ويندو، هن چيو ته اهي ماڻهن کي ووٽ رد ڪرڻ کان وٺي ووٽ چوري ڪرڻ تائين جو طريقو ٻڌائيندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته قومي اسيمبلي ۾ اسا?? جي اڪثريت هئي، اقليت ۾ هو??دي به انهن جو اميدوار ڪامياب ٿي وڃي ٿو ۽ اهي ماڻهو گذريل رات به مصروف عمل رهيا. هن چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ به شفاف اليڪشن ۽ شو آف هينڊ ل??ءِ وياسين پر انهن ا?? جي مخالفت ڪئي ۽ اڄ به اسان انهن کي چئلينج ڪريون ٿا ته شو آف هينڊ تي اچن پر اهي ڳجهي ر??ءِ شماري جي ذريعي ڌمڪي ۽ ڌانڌلي ڪرڻ جا قائل آهن. اڄ انهن پولنگ بوٿ ۾ ڳجهي ڪئميرائ?? جي پاڻ ئي نشاندهي ڪ??دي ڊرامو رچايو اسان ان واقعي جي جاچ ڪرائينداسين ۽ ا?? جي تهه تائين وينداسين.
مخالف ڌر سينيٽ جي پولنگ بوٿ ۾ ڳجهي ڪئميرا لڳائڻ جو ڊرامو رچايو کين اهڙو ڊرامو ڪندي شرم اچڻ گهرجي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : números quina hoje