اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??ن س??يلنڪا جي مشهور ٻڌ ڀڪشوئن جي 11 رڪني وفد ملاقات ڪئي آهي. اهو وفد حڪومت جي دعوت تي پاڪستان جي دوري تي آيل آهي. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطي ۽ بين المذاهب هم آهنگي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي شاندار گنڌارا تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان کي دنيا ۾ ٻڌهن جي سڀ کان مقدس ??اڳن کي سارسنڀال ڪرڻ تي فخر آهي، پاڪستان ۾ سڄي دنيا کان سياح مذهبي ماڳن جي زيارت لاءِ ايندا آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ بي مثال قدرتي حسن س??ن مالا مال ۽ تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ آهن، وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته سندس حڪومت ٻڌهن جي مقدس ??اڳن جي حوالي سان هڪ ٽريل بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي ذريعي هو پنه??جي مقدس ??اڳن کي زيارت ڪري سگهندا، هن چيو ته ان ٽريل سان جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون جنهن س??ن سڄي دنيا مان ايندڙ ٻڌ زائرين کي پنه??جي مقدس ??اڳن جي زيارت ڪرڻ ۾ سهولت حاصل ٿيندي، وفد حڪومت طرفان ان منصوبي ۽ پاڪستان م ٻڌهن جي مذهبي ماڳن ۽ آثار قديمه جي بحالي ۽ رنگ روغن کي ساراهيو، وفد چيو ته پاڪستان سڄي دنيا جي سياحن ۽ زائرين لاءِ پر??شش ملڪ آهي، وفد سريلنڪا سان پاڪستان جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن، تعاون ۽ يڪجهتي کي ساراهيو.
وزيراعظم سان سريلنڪا جي ٻڌ ڀڪشوئن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس