لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بشريٰ بي بي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيل?? لاهور جو دورو ڪيو، خاتون اول ان موقعي تي ايمرجنسي وارڊ سميت اسپ??ال جي ٻين شعب?? جو دورو ڪيو ۽ اتي ذهني مرض ۾ مبتلا مريضن کي ڏنل سهولت?? جو جائزو ورتو ۽ مريضن جي عيادت به ڪئي، اسپ??ال انتظاميه خاتون اول کي مريضن کي ڏنل سهولتن بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي خاتون اول چيف ايگزيڪيٽو ڊاڪٽر اشرف سان مريضن کي ڏنل سهولتن ۽ کاڌي پتي جي سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي، خاتون اول اسپ??ال ۾ ٺهيل بورچي خاني جو به دورو ڪيو ۽ مريضن کي ڏنو ويندڙ کاڌي جي معيار جو به جائزو ورتو، هن اسپ??ال انتظاميه کي هد??يت ڪئي ته مريضن کي علاج جي بهترين سهولتن سان گڏوگڏ کاڌي جي معيار کي وڌيڪ بهتر بنايو وڇي، هن انسٽيٽِيوٽ کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي، هن اسپ??ال انتظاميه کان پڇيو ته ڇا انسٽيٽيوٽ ۾ ڏنيون ويندڙ سهولتن مان مريض مطئمن آهن ۽ توهان ڪهڙي طرح ان کي وڌيڪ بهتر ٺاهي سگهو ٿا ان حوالي سان هن انتظاميه کي هد??يتون ڏنيون ته مريضن کي بهترين سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان تحريري طور تي پنهنجون تجويزون فراهم ڪن، اسپ??ال انتظاميه خاتون اول کي ٻڌايو ته مريضن کي ناشتو، ٻنپهر?? جو کاڌو، ميوا، شام جي چانهه، رات جي ماني ۽ ٻيون نيوٽريشن ڏنيون وينديون آهن ته جيئن انهن جي ذهني صحت کي مستحڪم بڻائي سگهجي، اسپ??ال انتظاميه ٻڌايو ته ايندڙ سال جون کان اڳ اسپ??ال ۾ شروع ڪيل منصوبا جن ۾ بلڊنگس جي تعمير سميت ٻيا منصوبا شامل آهن مڪمل ڪيا ويندا، هن اسپ??ال انتظاميه کي ڊرگس جي عادي مريضن جي بحالي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هد??يت ڪئي. خاتون اول اسپ??ال ۾ ذهني مريضن لاءِ قائم ڪيل مختلف بلاڪ?? جو به دورو ڪيو ۽ اتي انهن کي ڏني ويندڙ علاج جي سهولتن جي مڪمل معلومات حاصل ڪئي، ان موقعي تي هن انسٽيٽيوٽ آف مينل هيلٿ ۾ ٻوٽو به لڳايو.
خاتون اول بشريٰ بي بي پاران پنجاب انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ لاهور جو دورو
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil