اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد حسين سينيٽ مان جرنلسٽ پروٽيڪشن بل جي منظوري تي ورڪنگ جرنلسٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ان بل سان صحافي?? کي پهريون ڀيرو اهڙا حق حاصل ٿيندا جيڪي رڳو انتهائي ترقي يافته معاشرن ۾ صحافي?? کي حا??ل آهن. پنهنجي هڪ ٽ??ئي?? ۾ هن چيو ته اهو قانون عمران خان حڪومت جي صحافتي آزادين سان وابستگي جو اظهار آهي. هن انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري جا پڻ ٿورا مڃيندي چيو آهي ته شيرين مزاري منهنجي درخواست تي ان آئيڊيا کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، ان قانون تي عملدرآمد صحافين ۽ انهن جي ڪم کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ