اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڦوروئن تي ٻڌل حڪومت ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جو مستقبل چورن جي حوالي نٿا ڪري سگهون، سنڌ هائوس ۾ ماڻهن جا ضمير خريدڻ لاءِ ٻوليون لڳايون پيون وڃن، جتي تمام گهڻو پئسو منتقل ٿيڻ جا اطلاع آهن، 10 لک ماڻهن جي ڪال جي ڊپ کان مخالف ڌر خوف ۾ ورتل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ گرين يوٿ موومينٽ جي تقريب کي خصوصي مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وز??ر چيو ته ڪالهه ننڍو ڊان چئي رهيو هو ته ملڪ م قومي حڪومت ٺاهيو جنهن ۾ تحريڪ انصاف شامل نه هجي، عقل جا انڌا اڄ چئي رهيا آهن ته ڦوروئن جي حڪومت ٺاهيو جيڪا چورن کي بچائي، اسان ان کان اڳ ان طرح جو قومي بيانيو نه ٻڌو، چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي 63 سيڪڙو آبادي 15 سالن کان 33 سالن جي نو??وا??ن تي مشتمل آهي ۽ هي اهي نو??وا?? آهن جيڪي پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ اسان پنهنجي مستقبل کي چورن ۽ ڦوروئن جي حوالي هرگز نه ڪرڻ ڏينداسين. اسان کي پتو پيو آهي ته سنڌ هائوس جي اندر منڊيون لڳل آهن، جتي جهڙي قسم جون ٻوليون لڳي رهيون آهن ۽ ضمير وڪرو ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڇا عوام ان جي اجازت ڏيندي؟ وفاقي وز??ر چيو ته هن ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي چوڪ تي 10 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر اهو نه چيو هو ته اهي ماڻهو مخالف ڌر کي ماريندا، مخالف ڌر صرف 10 لک ماڻهو گڏ ٿيڻ جي ڊپ کان بيهوش ٿي وئي آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته سياسي پارٽين جو حق آهي ته هو جلسا ۽ جلوس ڪن، پنهنجي ماڻهن کي گڏ ڪن، اهو اسان جو حق آهي، هن چيو ته ا??ان پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ميڙاڪو اسلام آباد ۾ ڪري ڏيکارينداسين، اسان لوئر مڊل ڪلاس جي پارٽي آهيون، اسان ت??دد ڪندڙ ماڻهو نه آهيون، هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي نو??وا??ن جي مستقبل جي اميد آهي، اسان ان اميد سان جيئنداسين ۽ مرنداسين.
ڦوروئن تي ٻڌل حڪومت ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil