اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي جديد ترقي يافته اسلامي فلاحي ملڪ بڻائڻ جي لاءِ تحريڪ پاڪستان جي جذبي سان تعمير پاڪستان جي تحريڪ شروع ڪرڻ جي ضر??رت آهي، اسان جو پيارو پاڪستان 75 سالن جو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ملڪ کي معاشي طور تي پاڻ تي دارومدار ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، ميثاق معيشت جي منزل قومي ڊائيلاگ جي ذريعي حاصل ڪنداسين. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن جو ارمان اسان جو پيارو پاڪستان 75 سالن جو ٿيڻ وارو آهي، آزادي جي نعمت تي الله سبحان وتعاليٰ جي آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪريون ٿا. قائداع??م ۽ علامه اقبال سميت پاڪستان جي بانين کي سلام پيش ڪريُون ٿا جن جي بي مثال سياسي، جمهوري ۽ قانوني جدجهد جي نتيجي ۾ اڄ دنيا ۾ اسان جي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته ڊائمنڊ جوبلي جي خوشي تي ”عظم عاليشان شاد رهي پاڪستان“ جي خوبص??رت عنوان سان خصوصي لوگو ??ار?? ڪرڻ تعريف جي قابل آهي. مقصد تي يقين ??کڻ ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ن??م ۽ ضبط سان گڏ جذبي مسلسل ۽ اتحاد جو جذبو فرما هجي ته هر نصب العين ??اصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اڄ اسان پاڪستان کي معاشي طور تي پاڻ تي دارومدار ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. ميثاق معيشت جي منزل نيشنل ڊائيلاگ جي رستي تي هلندي حاصل ڪنداسين ??ه جيئن اسان ڪنهن جا محتاج نه رهون. اسان جا ٻار ۽ نوجوان تعليم يافته ۽ باشعور هجن ڇو ته تعليم سان ئي انفرادي ۽ اجتماعي تبديلي آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته نوجوان تحريڪ پاڪستان جي جذبي سان تعمير پاڪستان جي تحريڪ شروع ڪن ته جيئن اسان پاڪستان کي جديد ترقي يافته معاشي طور تي پاڻ تي دارومدار ڪرڻ، اسلامي فلاحي مملڪت بڻايون.
ملڪ کي جديد ترقي يافته بڻائڻ جي لاءِ تعمير پاڪستان جي تحريڪ شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن