اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي سنگين چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل هوندا، پاڪس??ان ۽ آمريڪا ج?? گڏيل احترام، اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل لاڳاپن ۾ تعميري ۽ پائيدار رابطن جي ضرورت ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب پاڪس??ان جي دوري تي ايل ڪانگريس وومن شيلا جيڪسن لي جي قيادت ۾ آمريڪي وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڪانگريس مين ٿامس سوزي ۽ آل گرين شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي نازڪ صورتحال پاڪس??ان جي دوري کي ساراهيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1300 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون، زراعت، لائيو اسٽاڪ، ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو. هن چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير دوران سنگين چئلينجز درپيش هوندا جن جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا ۽ عزم جي ضرورت ??هي، ان ڏس ۾ عالمي برادري پاران مسلسل حمايت، يڪجهتي ۽ امداد اهم آهي. وزيراعظم پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موجود لاڳاپن م بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري ۽ پائيدار ڳالهه ٻولهه جي ضرورت ??ي زور ڏنو جيڪ?? گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل هجن. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ڪاربن جي سڀ کان گهٽ اخراج واري ملڪن ۾ شامل هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقي يافته ملڪن کي پنهنجي آبهوا کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي جنهن ۾ اسرندڙ دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اڳڪٿي موجب وسيلن جي فراهمي پڻ شامل آهي. وزيراعظم آمريڪا پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراهم ڪيل امداد کي ساراهيندي چيو ته ڪانگريس جي وفد جو پاڪس??ان جي دوري ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي پئماني جي حوالي سان عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ ۽ وڌ کان وڌ امداد کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. واضح رهي ته ڪانگريس جو ٽي رڪني وفد 4 س??پٽمبر کان پاڪس??ان جي دوري تي آهي. وفد ان دوران سنڌ جو دورو ڪيو ته جيئن نقصانن ۽ متاثرين جي تڪليفن جو جائزو وٺي سگهجي. وفد ان دوران اهم ڌرين سان ملاقاتون ڪيون ته جيئن متاثرين جي بحالي جي ڪوششن ۾ مدد جا طريقا ڳولي سگهجن. ڪانگريس وومين شيلا جيڪسن لي ٻوڏ متاثرين خاص طور تي پنهنجي پيارن کان وڇڙي ويندڙن جي لاءِ گهري همدردي جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستاني قوم ان آفت کي عزم ۽ همت سان منهن ڏيندي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته آمريڪي ڪانگريس ۽ انتظاميا ان وڏي چئلينج ۾ پاڪس??ان سان گڏ بيٺل رهندي ۽ متاثرين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۽ نئين سر تعمير ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪندي.
حڪومت ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات