اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪش??ير تي ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس ۾ ڪش??يري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ تقريب منعقد ٿي جڏهن ته هڪ ريلي به ڪڍي وئي جنهن ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ عملي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقر??ب کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته گڏيل قومون ڪش??ير مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڪش??يري عوام 75 سالن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري رهي آهي، پاڪستان ڪش??يري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ بيٺل رهندو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع کان شروع ٿيندڙ ظلم اڄ به جاري آهي، ڀارت والاريل ڪش??ير ۾ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري کي چيو ته اها ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تان نظرون نه هٽائي.
ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پرڏيهي آفيس ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ تقريب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی