اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو ??هي ته صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جا لا??اپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. ترڪيه جي دوري تي روانگي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته پاڪ بحريه جي لاءِ ٽئين ملجم ڪارويٽ جهاز جو افتتاح ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دفاعي لا??اپن جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جا رابطا اسان جي حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا. هن ترڪ عوام جي گرمجوشي جو ذڪر ??ندي چيو ته ترڪيه ۾ هجڻ ائين ??هي جيئن اسان پنهنجي گهر ۾ هُجُون. وزيراعظم چيو ته صدر اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه سان پاڪستان سان لا??اپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿيا آهن ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??مو??ن شعبن ۾ لا??اپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.
صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر