اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپ?? جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ انتهائي موزون ملڪ آهي، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستا?? جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري پاڪستاني آمريڪي ڪاروباري شخصيت?? جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پاڪستاني آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جو وفد هن وقت پاڪستا?? جي دوري تي آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستا?? جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني?? جي پاڪ آمريڪا لاڳاپ?? جي مضبوطي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان معدنيات جي دولت سان مالامال آهي، پاڪستا?? جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، ان??ن سمورن عمل?? جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ انتهائي موزون ملڪ آهي. هن وفد کي تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ”هول آف دي گورنمينٽ“ حڪمت عملي تحت پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ يقيني بڻائيندي، ڪائونسل زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻي?? جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيندي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان ۾ سيڙپڪارين کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي آفيس ۽ پاڪستاني مشن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان پنهنجي رابطن کي تيز ۽ موثر بڻائين. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاو?? جي نئين شعبن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪ?? جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي پاڪ آمريڪا لاڳاپ?? جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد جي ميمبرن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ملاقات جو موقعو ڏيڻ ۽ شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿ??را مڃيا. وفد وزيراعظم کي پاڪ آمري??ا واپاري لاڳاپ?? جي فروغ لاءِ پنهنجي قدمن کان آگاهه ڪيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستا?? جي لاءِ بي پناهه محبت اسا?? جي دلين کي هڪ ڪري ٿي. وفد جي شرڪت ڪندڙن پاڪستا?? جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو پڻ اظهار ڪيو.
پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت آهي، پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste