اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري نگران وفاقي وزير محمد سميع س??يد چيو آهي ته چين پاڪستان ??قتصادي راهداري (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو ڪاميابي سان ??اري آهي، جڏهن ته نگران ??ڪومت سي پيڪ تحت جاري ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽر آف ايڪسيلينس، س?? پيڪ جي انتظام هيٺ ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو: گڏيل خوشحالي جي راهه هموار ڪرڻ“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ان موقعي تي خاص مهمان هو. ڪانفرنس ۾ وائيس چانسلر قائداعظم يونيورسٽي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، س?? پيڪ ۽ ملڪ جي مشهور پاليسي سازن ۽ ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. واضح رهي ته ٽيون بيلٽ اينڊ روڊ فورم 17 کان 18 آڪٽوبر تائين بيجنگ ۾ منعقد ٿيندو. سيمينار کي خطاب ڪندي رٿابندي واري نگران وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو ڪاميابي سان ??اري آهي جڏهن ته سمورن منصوبن جي سخت نگراني رٿابندي واري وزارت طرفان ڪئي پئي وڃي ته جيئن منصوبن تي عملدرآمد کي يقين?? بڻائي سگهجي. نگران وفاقي وزير چيو ته 2013ع ۾ پنهنجي آغاز کان ??ي سيڪيورٽي خدشن، س??اسي عدم استحڪام ۽ ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا جهڙا چئلينج درپيش هجڻ جي باجود چين ۽ پاڪستان ٻنهي سي پيڪ لاڳو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، هن چيوته قائداعظم يونيورسٽي ۾ معدنيات ۽ قدرتي وسيلن تي تحقيق لاءِ جديد ارٿ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، هي سينٽر چين جي تعاون سان معدنيات جي شعبي کي جديد بڻائڻ ۽ ان ۾ قيمتي وسيلن جي ڳولا لاءِ ڪم ڪندو. هن چيو ته هن وقت تائين سي پيڪ تحت 31 مختلف منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن، انهن منصوبن تي 32 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي جڏهن ته ملڪ ۾ 4 خصوصي صنعتي زونز ٺاهيا وي??، نگران وفاقي وزير چيو ته چين سان ??راعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، آءِ ٽي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ان ??يمينار کي منعقد ڪرڻ تي سينٽر آف ايڪسيلينٽ سي پيڪ ۽ رٿابندي واري وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو جيڪو خاص طور تي اهڙي وقت ۾ وڏي اهميت وارو آهي جڏهن ته ايندڙ هفتي بي آر آءِ فورم شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي. سي پيڪ جي 10 سالن جي ڪاميابي واري سفر تي روشني وجهندي چيني سفير چين ۽ پاڪستان ٻنهي جي اڳواڻن جي رهنمائي جي ذريعي حاصل ڪيل شاندار ڪاميابين جي واکڻ ڪئي. هن 2015ع ۾ صدر شي جن پنگ جي پاڪستان ??ي تاريخي دوري جو ذڪر ڪيو جنهن سي پيڪ جي وڏي پئماني تي تعمير کي تيز ڪيو ۽ اهو سفر اڄ تائين ڪاميابي سان پنهنجي منزل طرف جاري آهي، چيني سفير چيو ته بي آر آءِ ملڪن وچ ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ جو منصوبو آهي جڏهن ته پاڪستان ??ان ??راعت، آءِ ٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ معدنيات ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيندو. چين جي سفير چيو ته پاڪستان ??نساني ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي جڏهن ته پاڪستان کان مصنوعات جي امپورٽ ۾ اضافو انتهائي اهميت وارو آهي جڏهن ته روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ بهتر پاليسي جي جوڙجڪ ۽ عملي قدم اڻٽر آهن، چيني سفير پاڪستان ??رفان چيني ورڪرن کي سيڪيورٽي جي فراهمي جي حوالي سان کنيل قدمن کي به ساراهيو، چين جي سفير رٿابندي واري وزارت طرفان ??وڙيل پاليسين کي ساراهيندي رٿابندي واري وزارت کي خراج تحسين پيش ڪيو.
نگران حڪومت سي پيڪ تحت جاري ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي: نگران وفاقي وزير محمد سميع سعيد
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی