اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي)اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڊگهي جلاوطني کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ واپسي تي جذباتي ڪيفيت آهي، پنهنجي گهر واپسي ۽ پارليامينٽ ۾ حلف کڻڻ تي اڄ تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن قومي اسيمبلي ۾ چونڊيل ميمبرن طور حلف کڻڻ کانپوءِ گيٽ نمبر 5 تان واپسي جي موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. هو پنهنجي ڌيءَ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف سان گڏ رو??نو ٿي رهيو هو. نواز شريف چيو ته ملڪ کي سنگين چئلينجز درپيش آهن، هن وقت سڀني کي گڏجي ملڪ ۽ قوم کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هڪ سوال جي جواب ۾ تي نواز شريف جذباتي انداز ۾ چيو ته هڪ ڊگهي عرصي جي جلاوطني کانپوءِ اسيمبلي جي ميمبر جو حلف کڻڻ ??نه??جي لاءِ خوشي جو سبب آهي، هن چيو ته هي موقعو ??نه??جي لاءِ خوشي ۽ جذباتي ڪيفيت جو آهي. آئون ملڪ ۽ قوم جي خ??مت لاءِ پرعزم آهيان، پاڪستان کي معاشي طور تي مستحڪم بڻ??ئڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻنداسين.
پنهنجي گهر واپسي ۽ پارليامينٽ ۾ حلف کڻڻ تي اڄ تمام گهڻي خوشي ٿي آهي: محمد نواز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil