لاهور -23 اپريل (اي پي پي) ايران ج?? صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ايران ??چ ۾ تاريخي، تهذيبي، مذهبي ۽ ثقافتي رسمن تي ٻڌل گهرا ناتا آهن ۽ ٻئي ملڪ علم ۽ هنر جي جديد مرڪزن ۽ فن ج?? علم کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهن. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور جي فيڪلٽي ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي ايران ج?? صدر چيو ته قومن ج?? برادري ۾ نمايان ??قام حاصل ڪرڻ لاءِ علم ۽ هنر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اسان ج??ن يونيورسٽيون ع??م ۽ تحقيق جا مرڪز آهن ۽ تعليم جي شعبي ۾ مربوط حڪمت عملي سان بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر علامه اقبال جي ڪلام کي ايران ۾ خاص پذيرائي حاصل آهي. ايران ج?? صدر ابراهيمي رئيسي چيو ته فلسطين جي حوالي سان ??اڪستان ۽ ايران ج?? موقف هڪ آهي. ايران ج?? صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران ??چ ۾ توانائي سوڌو ٻين شعبن ۾ سهڪار کي مستقبل ۾ وڌيڪ وڌايو ويندو. هن پاڪستان ۾ پنهنجي دوري دوران مه??ان ??وازي ۽ خدمت کي پڻ ساراهيو.
قومن کي برادري ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم ۽ هنر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهميت ضرورت آهي: ايران جو صدر ابراهيم رئيسي
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس