اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاسڪو جي نجڪاري جي حوالي سان حڪمت ??مل?? جوڙڻ ۽ ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کڻڻ، ڪڻڪ واري بورڊ ۾ آبادگارن، لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت وز??راعظم پنهنجي صدارت ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ پاسڪو بابت اجلاس دوران ڏني. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وز??ر احد خان چي??ا، نا??ي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وز??ر راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ، نا??ي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وز??ر علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وز??راعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ويٽ (Wheat) ڪڻڪ بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ۽ ڪڻڪ بابت بورڊ ۾ آبادگارن جي نمائندن کي شامل ڪيو وڃي. هن ويٽ بورڊ ۾ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪرڻ ۽ پاسڪو جي نجڪاري جي حوالي سان حڪمت ??مل?? تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم حڪم ڏنو ته وفاقي حڪومت جي ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان متبادل حڪمت ??مل?? جوڙي وڃي ۽ ان حوالي سان گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي ويٽ بورڊ ج?? ري اسٽرڪچرنگ ۽ ٽي او آرز، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار وڌائڻ ۽ پاسڪو ۾ سڌارن جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم پاران پاسڪو جي نجڪاري جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، ڪڻڪ واري بورڊ ۾ آبادگارن، لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪيو وڃي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی