سرينگر-02 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ماڻهن کي اپيل ڪئي آه?? ته هو 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين ته جيئن عالمي برادري کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قابض آه?? ۽ ڪشميري گڏيل قومن طرفان تسليم ٿيل حق خود اراديت لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غير قانوني طور تي نظربند چيئرم??ن مسرت عالم بٽ ۽ سينئر اڳواڻ شبير احمد شاهه نئين دهلي ۾ بدنام زمانا تهاڙ جيل مان پنهنجي پيغامن ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪندي چيو آه?? ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشميرين جي سڃاڻپ تي هڪ سخت حملو ڪيو. ٻين حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن به 5 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪئي آه??. هنن سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين تي زور ڀريو ته هو والاريل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ 5 آگسٽ سوم?? ڏينهن احتجاجي مظاهرا ڪ??. ح??يت قيادت واضح ڪيو ته مودي حڪومت ڄمون ڪشمير جي تڪراري خطي جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن سان گڏوگڏ عالمي قانونن، اصولن ۽ ضابطن جي به سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آه??. هنن چيو ت?? آزادي پسند ڪشمير??ن مودي حڪومت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي هڪدم رد ڪري ڇڏيو آه?? ۽ هو پنهنجي شهيدن جي مقدس مشن جي تڪميل تائين جدوجهد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آه??.
ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس پاران 5 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی