اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سوئيڊن ۽ بيلجيئم سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ٻئي ملڪ پاڪستان سان گڏيل تعاون وڌيڪ بهتر بڻائيندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي سوئيڊن ۽ بيلجيئم جي سفيرن ايوان صدر ۾ سفارتي ??ندون پيش ڪيون. سوئيڊن ۽ بيلجيئم جي نا??زد سفيرن ان موقعي تي ??در سان جدا جدا ملاقات ڪئي. سفيرن سان ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته اميد آهي ته نا??زد سفير پاڪستان سان گڏيل لاڀائتو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائيندا. صدر چيو ته بيلجيئم پاڪستان جو هڪ اهم واپاري حصيدار آهي، پاڪستان بيلجيئم سان ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا آهن. صدر سوئيڊن سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. ان کان اڳ نا??زد سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
سوئيڊن ۽ بيلجيئم سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável