رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس جي موقعي تي ويٽن??م جي وزيرا??ظم فام من چن سان ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ويتنام ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي مضبوط بڻ??ئڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ويٽن??م جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌ??ئڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. وزيرا??ظم ان مقصد جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عوامي رابطن کي مضبوط بڻ??ئڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف آسيان تنظيم ۾ پاڪستان جي مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجڻ جي ڪوششن جي حوالي سان ويٽنام کي تعاون جي درخواست ڪئي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ويٽن??م جي وزيرا??ظم کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويٽنام جي وزيراعظم سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے