اسلام ??با?? – 06 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم هائوس ۾ ابوظهبي پورٽس گڏيل عرب امارات جي وفد جي ايندڙ دوري جي سلسلي ۾ هڪ اعليٰ سطح جي بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم دوري جي اهميت جو ذڪر ڪيو جيڪو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ??ڏيل عرب امارات جي حڪومت جي خواهش کي ظاهر ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ملڪ جي اقتصادي ترقي جي لاءِ ??وششون ڪري رهي آهي ۽ اهڙي طرح جي سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪندي. اجلاس ۾ ميري ٽائيم، ايوي ايشن، ريلوي، بي او آءِ ۽ ايف بي آر جي وزارتن بابت تجويز ڪيل ايم او يوز پڻ پيش ڪ??ا ويا. لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين تجويز ڪيل مفاهمت جي يادداشتن تي پريزنٽيشن ڏني. نائب وزيراعظم اجلاس ۾ موجود وزارتن جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته اهي هن دوري جي ڪا??يا??ي ۽ تجويز ڪيل مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ جي تياري جي لاءِ موثر طريقي سان ڪم ڪن.
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ابوظهبي پورٽس جي وفد جي ايندڙ دوري جي سلسلي ۾ اعليٰ سطحي بين الوزارتي اجلاس
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا