اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته ملڪي بندرگاهن جي آپريشنل ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ پورٽس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قا??م ڪئي وئي آهي، وزارت سامونڊي معاملن کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ سامونڊي ۽ بندرگاهن جي قانونن کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪ??ي رهي آهي، 12 ارب روپين جي گڊاڻي پراجيڪٽ جو مقصد هڪ ماحولياتي طور تي مناسب جهاز ري سائيڪلنگ جي سهولت پيدا ڪرڻ آهي جيڪا گرين شپنگ لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ٿو. اهڙو اظهار هن ستين ميري ٽائيم ??يڪيورٽي ورڪشاپ ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن جو شاندار استقبال ڪندي ڪيو. وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن سامهون اهم قدمن ۽ اسٽريٽجڪ منصوبن تي روشني وڌي جن جو مقصد پاڪستان جي ميري ٽائيم ??يڪٽر کي اڳتي وڌائڻ آهي. ورڪشاپ ۾ پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن، صحافين، پارليامينٽ جي ميمبرن، واپاري برادري ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. ستين ميري ٽائيم ??يڪيورٽي ورڪشاپ جي وفد جي قيادت ريئر ايڊمرل اظهر محمود، ڪمانڊر سينٽرل پنجاب ڪ??ي رهيو هو. پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ وفاقي وزير پاڪستان ميري ٽائيم ??يڪٽر جي وڌندڙ اهميت ۽ ملڪ جي معاشي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار تي زور ڀريو. هن ميري ٽائيم ڊومين جي اندر موجود چئلينجن ۽ موقعن کي تسليم ڪيو ۽ علائقائي تعاون کي وڌائڻ ۽ عالمي واپاري لاءِ محفوظ ۽ پائيدار سامونڊي روٽس کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جو بحري شعبو خاص طور تي بنيادي ڍانچي جي ا??م منصوبن ۽ پاليسي سڌارن ذريعي ملڪ جي اقتصادي ترقي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ عالمي واپا??ي رابطن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ڪراچي ۽ گوادر وچ ۾ جا??ي ريل ۽ روڊ ڪنيڪٽويٽي اپ گريڊيشن تي زور ڀريو جيڪو اندروني رابطن کي وڌائڻ ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي واپار جي حمايت لاءِ آهم آهن. هن ٻڌايو ته 12ا رب روپين جي گڊاڻي پراجيڪٽ جو مقصد هڪ ماحولياتي طور تي مناسب جهاز ري سائيڪلنگ جي سهولت پيدا ڪرڻ آهي جيڪا گرين شپنگ لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ٿو.
ملڪي بندرگاهن جي آپريشنل ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ پورٽس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي: قيصر احمد شيخ
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا