اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاراچنار ۾ دوائن جي کوٽ جي حوالي سان ف??ري قدم کڻڻ ۽ دوائون پهچائڻ جي ??دايت ڪئي آهي جڏهن ته وفاقي ڪابينا ڪوڊ آف ڪريمنل پروسيجر ترميمي بل 2024ع کي پارليامينٽ موڪلڻ ۽ نيشنل رجسٽريشن اينڊ بائيوميٽرڪ پاليسي فريم ور?? 2024ع جي ??نظ??ري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف صحت واري وفاقي وزارت ۽ وفاقي گهرو وزارت کي پاراچنار ۾ دوائن جي کوٽ جي حوالي سان ف??ري قدم کڻڻ ۽ ان حوالي سان خيبرپختونخواهه حڪومت سان رابطو ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم صحت واري وفاقي وزارت کي پاراچنار ۾ دوائن جي کوٽ ف??ري طور تي ختم ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ڪوڊ آف ڪريمنل پروسيجر ترميمي بل منظور ڪري ورتو. ان ترميمي بل کي منظ??ري جي ??اءِ پارليامينٽ موڪليو ويندو. ڪريمنل پروسيجر ترميمي بل ۾ انهن ترميمن تحت ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي ??ظام کي آسان بڻايو ويو آهي. جوابدار کان جاچ جي ??اءِ پوليس آفيسر جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل اوزار ۽ فارنزڪ طريقيڪار جو استعمال ڪري سگهندو. انهن ترميمن تحت گواهن جا آڊيو – وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائي سگهبا. وڌيڪ اهو ته ترميمي بل ۾ جاچ دوران پراسيڪيوٽر جي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان شقون شامل ڪيون ويون آهن. پراسيڪيوٽر پوليس رپورٽ ۾ ڪنهن به کوٽ ۽ نقص جي ??شاندهي ڪري سگهندو. انهن ترميمن تحت عورتون، 12 سالن کان گهٽ ۽ 70 سالن کان وڌيڪ مرد، جسماني ۽ ذهني معذ??ري جو شڪار ماڻهو پنهنجي سهولت جي جڳهه تي بيان رڪارڊ ڪرائي سگهندا. انهن ترميمن تحت ٽرائل ڪورٽ ڪيس جو فيصلو هڪ سال جي اندر ڪندي ۽ دير جي صورت ۾ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ کان جوابدهي ٿيندي. وڌيڪ اهو ته اپيليٽ ڪورٽ ڪنهن به اپيل تي 6 مهينن کان هڪ سال جي اندر فيصلو ٻڌائڻ جي ??ابندي هوندي. ان کانسواءِ پوليس جاچ ۾ بيگناهي ۽ ڊسچارج رپورٽ جي تياري جي صورت ۾ جوابدار ضمانت جو حقدار هوندو. وفاقي ڪابينا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت پاران وفاقي وزارتن ڊويزنز ۾ اي – آفيس لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي 18 ڊويزنز ۾ اي – آفيس جو 100 سيڪڙو لاڳو ٿي چڪو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پهريون ڀيرو وفاقي حڪومت ۾ اي – آفيس تي ان وڏي پئماني تي ڪم ڪيو ويو جيڪو پيپرليس اڪانومي طرف هڪ وڏو قدم آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن اي – آفيس جو لاڳو ڪلي طور تي ڪيو وڃي ته ان سان اسٽيشنري ۽ پيٽرول جي بچت جي ??د ۾ 230 ملين رپين تائين جي بچت جو امڪان آهي. وزيراعظم ان حوالي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي عملدارن کي ساراهيندي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم انهن سمورين ڊويزنز جي ??زيرن ۽ سيڪريٽرين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو جتي اي – آفيس جو 100 سيڪڙو لاڳو ٿي چڪو آهي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي نيشنل رجسٽريشن اينڊ بائيوميٽرڪ پاليسي فريم ور?? 2024ع جي ??نظ??ري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي انٽيليڪچوئل پراپرٽي ٽربيونل ڪوئيٽا قائم ڪرڻ جي ??نظ??ري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي 20 ڊسمبر 2018ع جي ثالثي جي ??تيجي ۾ گڏيل قومن جي عا??مي حل بابت ڪنوينشن جي ??عاهدن تي صحيحن جي ??نظ??ري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ايڇ آر مئنيجر ارباب انس جي ??وڪري مان برطرفي خلاف داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا پيٽروليم واري وزارت جي سفارش تي وڏا ڌماڪا ڪندڙ مواد جي تياري جي ??ائيسنسز جي حوالي سان ايڪسپلوزر رولز 2010ع جي ??ارم اي ايل 01 ۾ ترميمن جي ??نظ??ري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا توانائي، پاور ڊويزن واري وزارت جي سفارش تي ضلعي اپر ڪوهستان، ضلعي لوئر ڪوهستان ۽ ضلعي ڪولائي پالس ڪوهستان جي ??شاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کان هزاره اليڪٽرڪ پاور ڪمپني منتقلي جي ??نظ??ري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سفارش تي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي حدن ۾ نڪاح نامي ۾ ختم نبوت جي حلف جي شق شامل ڪرڻ جي ??نظ??ري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي ڪابينا سيڪريٽريٽ پاران وفاقي معاملن جي حوالي سان پرنسپلز آف پاليسي لاڳو ڪرڻ جون سال 22 – 2021ع ۽ 23 – 2022ع جون رپورٽون پيش ڪيون ويون. وفاقي ڪابينا کي ڪابينا ڊويزن پاران نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي جي ??ن سالن جون رپورٽون پيش ڪيون ويون. اهي رپورٽون هاڻي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڏانهن موڪليون وينديون. وفاقي ڪابينا قومي ملڪيتي اداراجات بابت ڪابينا ڪميٽي جي 4 ڊسمبر 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا انٽر گورنمينٽ ٽرانزيڪشنز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 20 نومبر 2024ع ۽ 21 نومبر 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، ڪوڊ آف ڪريمنل پروسيجر ترميمي بل 2024ع کي پارليامينٽ موڪلڻ ۽ نيشنل رجسٽريشن اينڊ بائيوميٽرڪ پاليسي فريم ورڪ 2024ع منظور، وزيراعظم جي پاراچنار ۾ دوائن جي کوٽ فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز