اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارات 2 ارب ڊالر جي ادائيگي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، يو اي اي جي صدر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو آهي، بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ صوبن سان گڏجي دستياب آپشنز تي ڪم ڪري رهيا آهيون، روانگي واپار تي ٻڌل واڌويجهه تي ڌيان ڏيڻو پوندو، انڊونيشيا جي صدر جي پاڪستا?? جي دوري جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، معيشت ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، اسان پنهنجو مقصد جلد حاصل ڪري وٺنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آچر ڏينهن رحيم يار خان ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد زيد سان ملاقات تمام گهڻي لاڀائتي ۽ مثبت رهي جنهن ۾ گڏيل لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي ل??ءِ قدمن ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جو جائزو ورتو ويو. يو اي اي جي صدر کي مون سيڙپڪاري وڌائڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي هن پنهنجي ڪمٽمنٽ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان سان هو پنهنجي ڀائراڻي تاريخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ٻڌايو ته يو اي اي جي صدر سان نويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ٿي. هن منهنجي درخواست تي 2 ارب ڊالر جي ادائيگي، جيڪا جنوري ۾ واجب الادا آهي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته بجلي جي قيمت گهٽ ٿيڻ تائين زراعت، صنعت، روانگي واپار ۽ واپار ترقي نه ٿا ڪري سگهن. گذ??يل هفتي بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ پنهنجي ساٿين ۽ صوبن سان گڏجي بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ آپشنز تي خيال?? جي ڏي وٺ ٿي. هلندڙ هفتي ان بابت جامع اجلاس ٻيهر ٿيندو جنهن ۾ دستياب آپشنز تي غور ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته معيشت جي اوسر ل??ءِ بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. آءِ ايم ايف آڏو اهو معاملو اٿاريو ويندو. وزيراعظم ”سميڊا“ کي پاڪستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ اهم قرار ڏيندي چيو ته اهو معيشت جي ترقي جي ل??ءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. بدقسمتي سان ماضي ۾ ان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ هاڻي اهو هڪ بار بڻجي چڪو آهي. مون تازو ئي ان جو اجلاس گهرايو هو. سميڊا جو بورڊ تائين نه هو، هاڻي بورڊ مڪمل ڪيو آهي. وفاق صوبن سان گڏجي ان کي ڪامياب ادارو بڻائيندو، 15 جنوري تي ان حوالي سان ٻيهر اجلاس ٿيندو. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته ٽيڪسٽائيل جي برآمدات ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو خوش آئنده آهي، اسان کي روانگي واپار تي ٻڌل اوسر تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ٽيڪسٽائيل روايتي طور تي روانگي واپار جو وڏو ذريعو آهي، اسان کي غيرروايتي ذريعن کي پڻ استعمال ۾ آڻڻو پوندو. وزيراعظم ڪابينا کي انڊونيشيا جي صدر جي هلندڙ مهيني پاڪستا?? جي دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته جهڙي طرح ملائيشيا سان اسان جو ڀائراڻو تعلق آهي، اهڙي طرح انڊونيشيا به اسان جو ڀائر ملڪ آهي. انڊونيشيا سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان ايجنڊا تيار ڪئي پئي وڃي. انڊونيشيا جي صدر جي پاڪستا?? جي دوري دوران حلال گوشت، چانور ۽ کاڄرو تيل سميت مختلف شي?? جي واپار جي حوالي سان اڳڀرائي ٿيندي. وزيراعظم لوئر ڪرم ۾ امن معاهدي کانپوءِ معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ جي ل??ءِ ڪيل ڪڌي حرڪت کي افسوسناڪ قرار ڏنو ۽ ڪابينا کي ٻڌايو ته ان واقعي ۾ هڪ ڊپٽي ڪمشنر شديد زخمي ٿيو آهي جنهن جو علاج جاري آهي. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي?? جي جلد صحتيابي جي ل??ءِ دعا ڪئي ۽ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته قوم انهن قرباني?? جي معترف آهي. وزيراعظم ڪابينا کي انساني اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي جي خلاف حڪومتي قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته اهو مڪروهه ڌنڌو سالن کان جاري آهي، يونان ۾ جيڪي واقعا ٿيا انهن ۾ سوين پاڪستاني گذ??يل ڪجهه سالن دوران پنهنجي جانين تان هٿ وڃائي ويٺا. انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي ل??ءِ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. انساني اسمگلنگ سان ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي. ان مڪروهه ڌنڌي جو خاتمو ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته حڪومتي قدمن ۽ ڪوشش?? جي ڪري معيشت ۾ استحڪام اچي رهيو آهي. انهي جذبي، محنت، لگن ۽ عزم سان ڪم ڪنداسين ته جلد پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺنداسين.
گڏيل عرب امارات 2 ارب ڊالر جي ادائيگي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صوبن سان گڏجي دستياب آپشنز تي ڪم ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن