اسلام آباد ??? 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چ??و آهي ته سمورين افواهن جي باوجود پاڪستان ۾ وقت تي سينيٽ چونڊون ۽ عام چونڊون ٿينديون، ملڪ ۾ جمهوريت ائين ئي مستحڪم رهندي، هي ڀلي ڪجهه به ڪن، انتشار پکيڙيندڙ قوتن کي ع??ام ڪڏهن معاف نه ڪندي. احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته پورو پاڪستان اهو ڄاڻي ٿو ته اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا آهن ته هڪ جي پٺيان ٻيو ۽ ٻئي جي پٺيان ٽيون واقعو ٿئي ٿو، هو اها ڳالهه ذهن مان ڪڍي ڇڏين ته اهڙي طرح انتشار پکيڙي هو ڪنهن طرح يا ڪنهن شيءَ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا. اهڙي طرح جو ڪو قدم پاڪستان جي ع??ام ٿيڻ نه ڏيندي نه ان کي معاف ڪندي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی