اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ پوليو تي ضابطو آڻڻ لاءِ صوبائي چيف سيڪريٽرين ۽ 22 هائي رسڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪئي. و??ير??عظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب انهن ضلعن ۾ پنجاب جا 3 ??لعا (لاهور، راولپنڊي ۽ فيصل آباد)، سنڌ جا 8 ضلعا (ڪراچي ڊويزن جا سمورا ضلعا ۽ قمبر)، خيبرپختونخوا جا 5 ضلعا (خيبر، بنون، پشاور، لڪي مروت ۽ ڏکڻ و??ير??تان)، بلوچستان جا پنج ضلعا (ڪوئيٽا، پشين، قلعه عبدالله، زوب ۽ مستونگ) ۽ اسلام آباد شامل آهن. اجلاس ۾ و??ير??عظم جي خاص مددگارن ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته الله جو شڪر آهي ته گذريل 6 مهينن ۾سڄي ملڪ ۾ پوليو جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، وڌيڪ اها ڳالهه به قابل اطمينان آهي ته 2021ع ۾ صرف 14 سيڪڙو ماحولياتي نمونا مثبت ڏٺا ويا جيڪي گذريل سال 56 سيڪڙو هئا، ??ن لاءِ في الحال اسان وٽ ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جو هڪ نادر موقعو آهي. ايندڙ 6 کان 12 مهينا ان حوالي سان انتهائي اهم آهن، و??ير??عظم سمورن هاءِ رسڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو ان موقعي مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ پاڪستان کي پوليو جي لعنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي وائرس کي هنگامي بنيادن تي منهن ڏنو وڃي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ پوليو تي ضابطو آڻڻ لاءِ ورچوئل اجلاس
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی