اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، افغانستان جو هڪ ٺوس سياسي حل هتان جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقين?? بڻائڻ جو بهترين رستو آهي، عالمي برادري افغان عوام جي مع??شي مد?? ۽ نئين سر تعمير ۾ ڪردار ا??ا ڪري. وزيراعظم عمران خان سان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب اماراتن جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي مع??ملن سان گڏوگڏ علائقائي اڳڀرائي خاص طور تي افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل عرب امارات سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي اهميت جي عزم کي ورجايو. افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي وسيع تر مفاد ۾ آهي، افغانستان جي عوام جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ سلامتي ۽ حفاظت کي يقين?? بڻائڻ جي لاء?? اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو ٺوس سياسي حل هو. وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان عوام جي مع??شي مد?? ڪرڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ مد?? جي لاءِ ڪردار ا??ا ڪري. هن چيو ته انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ افغانستان جي مع??شي استحڪام کي يقين?? بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آمده ايڪسپو 2020ع جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي ولي عهد کي مبارڪباد ڏني. هن ان ميگا ايونٽ جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ ولي عهد گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری