اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي، اف??ان??تان ۾ انساني بحران ۽ معاشي مسئلن کان بچڻ جي لاءِ عالمي برادري پ??ران فوري قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن ۾ مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم خاص طور تي واپار ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ ويجهي ٻطرفي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم سرحد جي ٻنهي ط??فن رهندڙ ماڻهن جي معاشي ترقي جي لاءِ سرحدي منڊين جي جلد پڄاڻي ۽ انهن کي فعال بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي ۽ هن سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ ڀرپور حمايت تي ايراني حڪومت ۽ سپريم ليڊر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم پرامن ۽ مستحڪم اف??ان??تان جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي هڪ جهڙي موقف تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم اف??ان??تان ۾ انساني بحران ۽ معاشي بدحالي کي روڪڻ ۽ عملي قدمن ۾ اضافي، استحڪام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پ??ران فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ايران جي صدر رئيسي جي پ??ڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو. ملاقات ۾ ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدي وزيراعظم کي ايراني قيادت پاران ني?? خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ سمورن شعبن ۾ ٻط??فن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ايران جي خواهش کي ورجايو.
پاڪستان ۽ ايران جي سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria