اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) يوڪرين جي لاءِ امدادي سامان جي ٻي کيپ جي روانگي جي لاءِ نور خان ايئربيس راولپنڊي تي سرڪاري تقريب منعقد ڪئي ??ئي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران جاري بيان موجب امدادي سامان ۾ ضروري دوائون، ڪمبل ۽ راشن شامل آهي، اهو سامان پاڪستان ايئر فورس جي ٻن سي – 130 جهازن جي ذريعي پولينڊ رستي يوڪرين پهچندو. تقريب دوران پرڏيهي مع??ملن واري مملڪتي وزير حنا رب??ني کر امدادي سامان يوڪرين جي سفير مرڪيان چوچڪ جي حوالي ڪيو. تقريب ۾ اين ڊي ايم اي کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ يوڪرين سفارتخ??ني جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي مع??ملن واري مملڪتي وزي حنا رب??ني کر چيو ته پ??ڪستان يوڪرين سان گذريل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي ??در جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته پ??ڪستان جي حڪومت يوڪرين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڳ ۾ به امدادي سامان فراهم ڪري چڪي آهي. يوڪرين ۾ جاري جنگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي مع??ملا حل ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي سفير مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يوڪرين جي عوام جي لاءِ امداد موڪلڻ تي پاڪست??ني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. سفير جو چوڻ هو ته يوڪرين حقيقي معنيٰ ۾ ان م??د کي پاڪست??ني حڪومت ۽ عوام پاران خيرسگالي ۽ همدردي جي جذبي جو اظهار سمجهي ٿو. يوڪرين جي لاءِ امدادي کيپ پولينڊ جي گادي واري شهر دارسا جي رستي موڪلي ويندي. سامان جي پهرين کيپ 15 مارچ 2022ع تي موڪلي وئي ??ئي.
يوڪرين لاءِ امدادي سامان جي ٻي کيپ جي روانگي لاءِ نور خان ايئربيس راولپنڊي تي سرڪاري تقريب منعقد ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو