اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ جرمني جي سفير ايلفرڊ گراناس ڪالهه آچر ڏينهن پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي وڊيو پيغام پاڪستاني عو??م کي ”جشن آزادي جون کوڙ ساريون مبارڪون“ چيو. هن چ??و ته اڄ مون مختلف ر??تن جي ڪناري تي ڪيترائي خصوصي اسٽالز ڏٺا، مون رستي ڪناري بيهي پاڪستاني جهنڊو پنهنجي رهائشگاهه تي هڻڻ جي لا??ِ خريد ڪيو. هن چ??و ته آئون توهان سڀني سان گڏ توهان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جون خوشيون ملهائڻ ۾ شريڪ آهيان. جرمن سفير وڌيڪ چيو ته مون پاڪستان ۾ تازو ئي ذميواريون سنڀاليون آهن ۽ مون کي هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چ??و ته آئون پاڪستاني عوام سان ملاقات جو سدائين خواهشمند رهيو آهيان ۽ پاڪستان ۽ جرمني کي ويجهو دوست ۽ اتحادي بڻائڻ جي حوالي سان گڏيل مفادن جي فروغ لاءِ پرعزم آهيان.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام