اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي( منصوبابندي، ترقي، سڌارن واري وفاقي وزير ۽ اين ايف آر سي سي جي ڊپٽي چيئرمين احسن اقبال جي ??دارت ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظف?? اقبال، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ريلوي واري وزارت، موصلات واري وزارت، چيف سيڪريٽريز ۽ هيلٿ سيڪريٽريز به موجود هئا. فورم کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رستن ۽ ريلوي لائينن جي مرمت ۽ بحالي جي ??ڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اين ايڇ اي جي چيئرمين فورم کي بريفنگ ڏين??ي ٻڌايو ته انڊس هاءِ وي جي وڏي حصي ۾ پاڻي لهي چڪو آهي، اين فائيو تي 66 ڪلوميٽر حصي جي ??عمير ۽ مرمت ۾ چين مدد ڪري رهيو آهي، اين 5 جي ??اقي متاثر حصن جي ??عمير ۽ مرمت لاءِ اي ڊي پي سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، هن ٻڌايو ته سکر کان حيدرآباد موٽر وي لاءِ زمين حاصل ڪئي وئي آهي، ريلوي واري وزارت طرفان فورم کي ٻڌايو ويو ته ايم ايل ون تي فريٽ ۽ مسافر ٽرينون مڪمل بح??ل ٿي ويون آهن، جيڪب سبي سيڪشن تي اڃان به ڪجهه پاڻي موجود آهي، ڪوئيٽا تفتان تي 104 پلين جي مرمت ڪئي وئي آهي، ايم ايل ٽو تي صرف ٻن پلين جي مرمت رهجي وئي آهي، فورم رستن ۽ ريلوي لائينن جي ??حالي لاءِ هن وقت تائين کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فورم کي صوبائي عملدارن صحت جي ??عبي ۾ ٻوڏ کانپوءِ وبائي مرضن تي ضابطو آڻن جي ??والي سان قدمن کان آگاهه ڪيو، سنڌ جي ??حت واري سيڪريٽري فورم کي ٻڌايو ته اسان وٽ صحت جي ??عبي ۾ ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي گهربل صلاحيت موجود آهي، ٽيلي ميڊيسن جي ??عبي ۾ به ڪم ڪري رهيا آهيون، 2500 نوان ڊاڪٽر ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪري رهيا آهيون، ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ڀرتي جو عمل مڪمل ٿي ويندو. بلوچستان جي ??حت کاتي جي ??ملدارن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ 1120 ليڊي هيلٿ ورڪرز جا گهر ٻوڏ سبب تباهه ٿيا آهن، فورم هدايت ڏني ته ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ صحت جي ٻي عملي جي نقصانن ۽ رليف بابت آگاهه ڪيو وڃ??، اجلاس ۾ صوبائي عملدارن متاثر علائقن ۾ آبادگارن ۾ ربيع جي فصل لاءِ ٻج ورهائڻ جي ميڪنزم کان آگاهه ڪيو. اين ايف آر سي سي صوبن کي پنجاهه سيڪڙو سبسڊي شيئرنگ بابت سمري جلد منظور ڪرڻ جي هدايت ڏني.
اين ايف آر سي سي اجلاس، صحت کاتو سنڌ، بلوچستان، پي ڊي ايم ايز جي بريفنگ، فورم جو رستن ۽ ريلوي لائين جي بحالي لاءِ قدمن تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا