اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ??اهيره شاهد ڀارتي پروپئگنڊه جو موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلم کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته اسان کي دنيا کي اصل صورتحال کان آگاهه ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي اهتمام هيٺ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميرين جي خراب حالت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي مذمت جي لاءِ ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ تصويرن جي نمائش کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪشميري ??وام اڄ سياهه ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، هي ڏينهن هر سال ڀارت جي والاريل واديءَ ۾ غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪشميري ??وام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملهايو وڃي ٿ??. ه?? چيو ته نمائش جو بنيادي مقصد ان ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ کانسواءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي مسئلي بابت شاگردن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. هن تصويري نمائش ۾ شاگردن جي اظهار ڪيل جذبن کي ساراهيندي چيو ته شاگردن پنهنجي تصويرن ذريعي ڪشميري ??وام جي ڏکن جي واضح عڪاسي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي ڀارتي پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلمن کي دنيا ۾ موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن تصويري نمائش منعقد ڪرڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي اطلاعات واري ??يڪريٽري ??صويرن جو مقابلو کٽيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ۽ کين مبارڪُون ڏنيُون.
اسان کي دنيا کي ڀارتي ظلم کان آگاهه ڪرڻو پوندو: اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار