اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 2022ع دوران ت??اه?? آڻيندڙ ٻوڏ دوران ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون جا ٿورائتا آهيون، ٻوڏ کانپوءِ مت??ثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ بئنڪ جي وڌيڪ تعاون جا خواهشمند آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خوشي ٿي آهي. پاڪستان ۾ تازي ت??اه?? آڻيندڙ ٻوڏ دوران ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو ماڻهن سان ت??اون ۽ يڪجهتي ساراهه جوڳي آهي ۽ اسان مستقبل ۾ ان ت??اون کي جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ڪم جاري آهي، حصيدارن سان گڏجي اسان هڪ مضبوط موسمياتي ردعمل کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis