اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته يوم يڪجه??ي ڪشمير جو ڏهاڙو ا?? پوري قومي عزم ۽ جذبي سان ملهائينداسين ۽ وزيراعظم شهباز شريف اڄ آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اس??مبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان آزاد ۽ ??ال??ريل ڄمون ڪشمي?? ۾ رهندڙ بهادر، غيور ۽ آزادي جي متوالي عوام سان ايڪتا جو اظهار ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڄمون ڪشمير تڪرار تي رياست پاڪستان جي موقف ۽ ڪشميرين جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. سڌ سماءُ واري وزير چيو ته شهباز شريف جي هدايت تي يوم يڪجه??ي ڪشمير سڄي ملڪ ۾ ڀرپور جذبي ۽ ولولي سان ملهايو پيو وڃي، مريم اورنگزيب چيو ته يوم يڪجه??ي ڪشمير جي سلسلي ۾ مختلف تقريبون منعقد ٿينديون. تعليمي ادارن ۾ يوم يڪجه??ي ڪشمير جي سلسلي ۾ سرگرميون به ترتيب ڏنيون ويون آهن ۽ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويندا.
يوم يڪجهتي ڪشمير پوري قومي جذبي سان ملهائينداسين: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada