اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدارتي ايوارڊ يافته ناليواري شاعر، اد??ب ۽ ڊراما نويس امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تعزيتي بيان موجب صدر امجد اسلام امجد جي ادبي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ??يو آهي ته اڄ پاڪستان هڪ وڏي شاعر ۽ اديب کان محروم ٿي ويو. هن ??يو ته اردو ادب ۾ امجد اسلام امجد جو خال ڀرجي نٿو سگهجي، مرحوم فن ??ي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اردو ادب جي لاءِ سندس خدمتن کي ياد رکيو ويندو. صدر اردو زبان جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ??يو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون گهرڀاتين سان گڏ آ??ن. ??در دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت نصيب فرمائي. هن مرحوم جي مغفرت جي دعا ۽ وارثن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.
صدر پاران ناليواري شاعر امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی