پشاور – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غي??مت??دي مرضن بابت وڏي پ??ماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ سياسي قيادت ۽ ميڊيا سميت سڀني ڌرين جي فعال ڪردار جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي بيمارين کان بچڻ جي لاءِ اڳ ۾ ئي احتياطي تدبيرن جو رواج اختيار ڪرڻو پوندو، انهي احتياط سان ڪورونا جهڙي موذي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي (ڪي ايم يو) ۾ غي??مت??دي مرضن بابت ٿيندڙ ٽئين عالمي پ??لڪ هيلٿ ڪانفرنس دوران خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر عابد جميل، نگران وڏي وزير اعظم خان، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، وائيس چانسلر ڪي ايم يو ڊاڪٽر ضياءَ الحق ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ صدر جو پنڊال ۾ پهچڻ تي آجيان ڪئي وئ?? ۽ کيس عالمي ڪانفرنس جي مقصدن بابت آگاهه ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ عالمي ڊاڪٽرن، صحت جي ماهرن، اسڪالرز، ڪي ايم يو جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪينسر سميت گهڻيون بيماريون غي??مت??دي هونديون آهن ۽ جيڪڏهن انهن جي سڃاڻپ ٿي وڃي ته شروعاتي مرحلن ۾ علاج سان قيمتي جانيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته ڦڦرن جو ڪينسر به قابل علاج آهي، جيڪڏهن وقت سر سُڃاڻپ ٿي وڃي، جيڪڏهن دير سان سُڃاڻپ ۽ علاج ٿئي ته حياتي کسيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. هن تجويز ڏني ته صحتمند ۽ خوشحال معاشري جي لاءِ متعدي ۽ غي??مت??دي مرضن بابت عوام ۾ آگاهي لاءِ ميڊيا تي خاص طور تي مارننگ شوز دوران خصوصي پ??وگرام نشر ڪيا وڃن. ڊاڪٽر عارف علوي ڪيترين ئي زندگين کي بچائڻ جي لاءِ اڳ کان موجود صحت جي پ??ليسين کي عملي شڪل ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسان وٽ سڀئي گهربل پاليسيون موجود آهن پر ان تي عملدرآمد جي کوٽ آهي. هن چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي معيشت ۽ قومي وسيلن تي غيرمعمولي دٻاءُ وجهي رهي آهي. هن معاشي ۽ وسيلن ۽ آبادي جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ آبادي ۽ غربت جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اهم قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو ته سياسي قوتن جي وچ ۾ جهيڙن سان شايد ئي ڪو مقصد هجي پ?? قومي ترجيح مسئلن جي حل تي ڌ??ان ڏيڻ گهرجي. هن ڊاڪٽر ڪميونٽي کي مشورو ڏنو ته اهي هڪ صحتمند ۽ خوشحال معاشري جي لاءِ ذهني طور تي تيار ڪن ۽ علاج جي دوران پنهنجي مريضن کي قائل ڪن. هن چيو ته اسان کي ٻاهرئين ملڪن مان آيل ڊاڪٽرن جي لاءِ اهڙو ماحول مهيا ڪرڻو پوندو جنهن ۾ رهندي اهي ملڪ جي اندر آساني سان مختلف مريضن جو علاج ڪري سگهن. ڊاڪٽرن جي لاءِ ملڪ جي اندر سهولتُون هونديون ته اهي بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهندا.
بيمارين کان بچڻ جي لاءِ اڳ ۾ ئي احتياطي تدبيرن جو رواج اختيار ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار