لاهور – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اي??دڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ۽ معيشت جي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي، صنعتي شعبي جي پيداوار ۽ روانگي واپا?? وڌائڻ جي لاءِ قدم بجيٽ جو حصو هوندا، گذريل حڪومت پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ آءِ اي?? اي?? معاهدو ٽوڙيو جنهن جو خميازو 22 ڪروڙ عوام خاص طور تي صنعتن کي ڀوڳڻو پيو، اسان سڀ گڏجي ان معاشي مشڪل مان نڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن صنعتي شعبي جي حوالي سان بجيٽ تجويزن تي اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اي??دڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ۽ معيشت جي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته صنعتي شعبي جي پيداوار ۽ روانگي واپا?? وڌائڻ جي لاءِ قدم بجيٽ جو حصو هوندا، آئون پاڻ يقيني بڻائيندس ته صنعتي شعبي جون تجويزون بجيٽ جو حصو بڻايون وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ننڍي، وڏي ۽ برآمدي صنعتن جي پيداوار ۾ اضافي جي وچ ۾ اي??دڙ سمورين ضروري رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل حڪومت ڄاڻي واڻي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي کي روڪيو، گذريل حڪومت پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ آءِ اي?? اي?? معاهدو ٽوڙيو جنهن جو خميازو 22 ڪروڙ عوام خاص طور تي صنعتن کي ڀوڳڻو پيو. هن چيو ته ??وم?? جي زندگي ۾ مشڪلاتون اي??ديون آهن، پاڪستاني قوم باهمت قوم آهي، اسان سڀ گڏجي ان معاشي مشڪل مان نڪري رهيا آهيون. هن چيو ته حڪومت، پوري قوم، صعتڪار ۽ ڪاروباري شخصيتون گڏجي پاڪستان جي بهتر حالتن لاءِ محنت ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ سال شرپسند عنصرن ڪڏهن لانگ مارچ ته ڪڏهن شارٽ مارچ ۽ ڌرڻن سان ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، 9 مئي جي واقعن نه رڳو ملڪ ۾ شر پکيڙيو پر پاڪستان کي شديد معاشي نقصان پهچايو. هن چيو ته حڪومت صنعتن کي سستي توانائي فراهم ڪري انهن جي پيداواري لاڳت وڌيڪ گهٽ ڪندي، حڪومت اهو به يقيني بڻائيندي ته بئنڪون ننڍين صنعتن کي آسان شرطن تي قرض فراهم ڪن. وزيراعظم شهباز شريف صلاحڪار احد چيما کي اج??اس ۾ صنعتڪارن پاران ڏني ويندڙ تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اج??اس ۾ ملڪ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ناليوارا صنعتڪار ۽ سيڙپڪار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. ان کانسواءِ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، احسن اقبال، مخدوم مرتضيٰ محمود، انجنيئر خرم دستگير خان، پيٽروليم واري مملڪتي وزير داڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خا??، قومي اسيمبلي ميمبر قيصر شيخ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، اي?? بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ واپار واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران مختلف شعبن پاران تجويزون پيش ڪيون ويون. ان کانسواءِ صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن پڻ ملڪي روانگي واپا?? وڌائڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي انهن تجويزن تي تفصيلي ورڪنگ ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ۽ معيشت جي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک