اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايرا?? جي لاءِ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مضبوط هدف?? جي فروغ لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابط?? جي ذريعي پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايرا?? جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ريف ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ پاڪ ايران ٻطرفي تعاو?? جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف 18 مئي 2023ع تي پشين – مند سرحدي بازار جي گڏيل افتتاح جي موقعي تي ايرا?? جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات جو حوالو ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سرحدي علائق?? جي اقتصادي ترقي جي لاءِ کنيل قدم پاڪ ايران گڏيل ترجيحن جا واضح عڪاس آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ان حوالي سان گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف وڌيڪ چيو ته ايرا?? جي صدر رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ کان اڳ“ جي پاليسي هڪ محفوظ، خوشحال ۽ هڪ ٻئي سان گڏيل ٺوس خطي جي حوالي سان سندس ويزن سان مڪمل طور تي هم آهنگ آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ايرا?? جي لاءِ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابط?? جي ذريعي پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم اسلامو فوبيا ۽ مسلمان مخالف نفرت جي وڌندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستا?? جي ايران سميت ٻين اسلامي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم تي زور ڏيندي چيو ته اهڙي قسم ج?? نفرت انگيز ڪاررواي?? جي خلاف هڪ متفقه موقف جو اظهار ڪرڻ گهرجي جنهن جو مقصد معاشرن ۽ برادري?? جي اندر انتشار ۽ فرق جو ٻج ڇٽڻ آهي. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو ته پاڪستان ايران لاڳاپا قيا??ت جي سطح تي متواتر مٽاسٽا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط تعاو?? جي ترقي ۽ فروغ جي ضرورت آهي.
پاڪستان ۽ ايران کي ترقي ۽ بهتري لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی