اسلام آباد- 24 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان جي فوج هر قسم جي خطري ۽ سازش خلاف هر وقت تيار آهي، پاڪس??ان پنهنجي خودمختياري تي ڪو سمجهتو نه ڪندو، دهشتگردن خلاف ته پاڪستاني فوج وڙهي سگهي ٿي پر دهشتگرديءَ خلاف سڄي قوم جو سهڪار ضروري آهي. سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا جو مقصد بي يقيني، افراتفري ۽ مايوسي ڦهلائڻ آهي، سوشل ميڊيا جي خبرن جي جاچ تمام ضروري آهي، جاچ ۽ هاڪاري سوچ کانسواءِ معاشرو افراتفريءَ جو شڪار رهندو آهي. اهڙو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ پاڪس??ان نيشنل يوٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. آر??ي چيف چيو ته اسان جي ملڪ جا نوجوان هن قوم ۽ ملڪ جي روشن روايتن، اقبال ۽ قائد جي خوابن جي تعبير جا امين آهن، پاڪس??ان جي مستقبل جي معمارن ۽ اقبال جي شاهينن کي مخاطب ٿي انتهائي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، پاڪس??ان ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ته اسان جو مذهب، تهذيب ۽ تمدن هر لحاظ سان هندن کان مختلف آهي، نه ئي اسان اولهه تهذيب ۽ تمدن کي اختيار ڪريون، نوجوانن کي پنهنجي وطن، قوم، ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن ۽ پنهنجي پاڻ تي بي پناهه اعتماد هئڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪس??ان ??ي نوجوانن کي ان ڳالهه جو يقين هئڻ گهرجي ته هو هڪ عظيم وطن ۽ قوم جا سپوت آهن. هن چيو ته سوشل ميڊيا ۽ پروپيگنڊا جو مقصد بي يقيني افراتفري ۽ مايوسي ڦهلائڻ آهي، تحقيق ۽ هاڪاري سوچ کانسواءِ معاشرو افراتفري جو شڪار رهندو آهي. هن قرآن پاڪ جو حوالو ڏيندي چيو ته الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن ڪو فاسق توهان وٽ ڪا خبر کڻي اچي ته ان جي تصديق ڪريو. آر??ي چيف چيو ته پاڪس??ان جي قيام جي رياست طيبه سان هڪجهڙائپ رکي ٿي، ٻئي ڪلمي جي بنياد تي قائم ٿيون. الله تعاليٰ پاڪس??ان کي بي پناهه معدني وسيلن، زراعت ۽ نوجوان افرادي قوت جهڙين نعمتن سان نوازيو آهي، مسلمان مشڪل ۾ صبر ۽ آسانيءَ ۾ الله تعاليٰ جو شڪر اد?? ڪندو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان جي روشن مستقبل تي ڪامل يقين ۽ ابن ڏاڏن جي ميراث کي قائم رکڻ آهي. شاگردن خطاب دوران پاڪس??ان آرمي زندهه باد، پاڪس??ان زندهه آباد ۽ قائداعظم زندهه باد جا نعرا لڳايا.
اسان جي فوج هر قسم جي خطري ۽ سازش خلاف هر وقت تيار آهي، پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪو سمجهتو نه ڪندو: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر