اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته يومِ شهداءِ پوليس، بهادر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ??رئت ۽ دليري کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجي ??ياتين جو نذرانو ڏئي قوم جو مستقبل محفوظ ۽ روشن بڻايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري هڪ بيان موجب وزيراعظم يومِ شهداءِ پوليس جي موقعي تي پوليس جي ??هيد آفيسرن توڙي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي، پنهنجي پيغا?? ۾ ??يو ته ڏوهن جي پاڙ پٽيندي پنهنجون حياتيون قربان ڪندڙ اهلڪارن جون قربانيون لازوال آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس هميشه پهرين جٿي طور پنهنجو ڪردار نڀايو آهي. هن چيو ته پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجي ??ياتين جو نذرانو ڏئي قوم جو مستقبل محفوظ ۽ روشن بڻايو آهي. پوليس جا شهيد قوم جو فخر آهن ۽ سڄي قوم شهيد پوليس اهلڪارن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته شهيد آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪٽنبن جو خيال رکڻ حڪومت جي ??ميداري آهي. ان حوالي سان ڪا ڪوتاهي ٿيڻ نه ڏبي. هن چيو ته وفاقي حڪومت شهيدن جي ٻارڙن جي ??عليم ۽ صحت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. شهيدن جي ڪٽنبن جو هر طرح سان خيال رکيو ويندو. هن چيو ته مون پنجاب جي و??ي وزير طور پڻ پنهنجي ??ور ۾ پوليس جي ??هيدن جي ڪٽنبن لاءِ هڪ وڏو ۽ تاريخي پيڪيج ڏنو هو.
يوم شهداءِ پوليس: بهادر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي جرئت ۽ دليري کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو پيغام
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج