اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) ??وس??ياتي تبديلي واري وزارت ۽ آغا خان فائونڊيشن وچ ۾ ??وس??ياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جو معاهد?? طئي ٿي ويو آهي، معاهدي تي ??وس??ياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميرا مورياڻي ۽ آغا خان فائونڊيشن جي قومي ڪميٽي جي چيئرمين امين فراست صحيحون ??يو??. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ??وس??ياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو ته پاڪستان جي ??وس??ياتي ۽ ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ حصيداري جو اهم ڪردار آهي، هن چيو ته معاهدي جو مقصد پاڪستان جي ٻهراڙي ۽ سامونڊي علائقن ۾ معاشي تحفظ ۽ پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. رومينه خورشيد عالم چيو ته ان حصيداري ذريعي ??وس??ياتي قدمن کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جا سامونڊي ۽ جابلو علائقا شديد ??وس??ي اثرن جو شڪار آهن، انهن مسئلن ۾ گليشيئر جو پگهرجڻ، سامونڊي سطح ۾ اضافو، زرعي مسئلن ۽ پاڻي جي کوٽ شامل آهن. هن چيو ته سنڌ جي سامونڊي علائقي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ٻهراڙي جا علائقا به ??وس??ياتي اثرن جو شڪار آهن.
موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ آغا خان فائونڊيشن وچ ۾ موسمياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جو معاهدو
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ