منيلا-24 آگسٽ (اي پي پي) ضروري شين جي قيمتن ۾ وڏي اضافي جي بحران ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي جي ملڪن ۾ لکين ماڻهن کي ??نتهائي ??ربت ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، ايشيائي ??رقياتي بئنڪ طرفان جاري رپورٽ موجب ڪورونا وائرس جي عالمگير وبا جي ڊگهن اثرن ۽ ضروري شين جي قيمتن ۾ وڏي اضافي جي بحران هن خطي جي ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو آهي، ڪي انڊيڪيٽرز فار ايشيا اينڊ دي پيسفڪ 2023ع جي عنوان سان جاري رپورٽ موجب 2022ع تائين خطي جي اسرندڙ ملڪن ۾ هڪ اندازي موجب 15 ڪروڙ 52 لک ماڻهو جيڪي خطي جي 3.9 سيڪڙو آبادي جي برابر آهي، انتهائي ??ربت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا، اسرندڙ ايشيا ۾ جاپان، آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ کانسواءِ ايشيا پيسفڪ جون 46 معيشتون شامل آهن، رپورٽ ۾ 2017ع جي قيمتن جي بنياد تي 2.15 آمريڪي ڊالر روزاني کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ??نتهائي ??ربت ۾ زندگي گذارڻ وارو تصور ڪيو ويو آهي، پر 2017ع کانپوءِ هن وقت تائين ضروري شين جي قيمتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي چڪو آهي، تمام گهڻن ملڪن ۾ ناڻي واڌ گذريل سال ڪيترن ئي ??الن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي ??هي جنهن سان تقريبن هر ماڻهو متاثر ٿيو آهي پر مهانگائي ۾ تيزي سان اضافي سان غريب ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اهي خوراڪ ۽ ٻارڻ جهڙين ضرورتن جون وڌيڪ قيمتون ادا ڪرڻ جي قابل ناهن. ان بحران سبب عورتون خاص طور تي وڌيڪ متاثر ٿيون آهن ڇاڪاڻ ته عمومي طور تي انهن جي آمدني مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، ايشيائي ??رقياتي بئنڪ جي چيف ا??ان??مسٽ البرٽ پارڪ غريبن لاءِ سماجي تحفظ جي قدمن کي ??هتر ڪرڻ ۽ روزگار لاءِ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته مهانگائي ۾ اضافي جو بحران گڏيل قومن جي ترقياتي هدفن تحت غربت جي خاتمي طرف اڳڀرائي کي ڪمزور ڪري رهيو آهي. بئنڪ جي هڪ ڪاٿي موجب ڪورونا وائرس جي عالمگير وبا 2020ع تائين وڌيڪ ساڍا ست ڪروڙ کان 8 ڪروڙ تائين ماڻهن کي ??نتهائي ??ربت ۾ ڌڪي ڇڏيو هو.
مهانگائي جي بحران ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ لکين ماڻهن کي انتهائي غربت ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي: ايشياتي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais