اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگرا?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حفاظت جي لاءِ جان قربان ڪندڙ پاڪ فوج جا جوان قوم جا هيرو آهن، شهيدن پنهنجي رت سان بهادري ۽ جرئت جي بي مثال تاريخ لکي آهي، پوري قوم پاڪ فوج جي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگرا?? وفاقي وزير دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد ??سن حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عب??ال??ادر جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گ??رڀ??تين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگرا?? وفاقي وزير چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ??ر پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين، دشمن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.
اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاران ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن