اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن نجي انشورنس ڪمپنين کي ٻن فوتي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي 34 لک 60 هزار رپين جا ڊيٿ انشورنس ڪليمز ادا ڪر?? جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلن جي خلاف آدم جي لائيف انشورنس ۽ ايف ايف يو لائيف انشورنس ڪمپني جي داخل ڪيل ٻه اپيلون ??د ڪري ڇڏيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب زاهده نسرين جي فوتي ڀيڻ 2021ع ۾ آدم جي لائيف انشورنس ڪمپني کان 30 لک جي انشورنس پاليسي حاصل ڪئي هئي، 2022ع ۾ ڀي?? جي لاڏاڻي کانپوءِ عورت ڪمپني کان ڊيٿ انشورنس ڪليم جو مطالبو ڪيو جنهن تي ڪمپني بيمه پاليسي حاصل ڪرڻ وقت گردي ۽ جگر جي بيماري لڪائ?? جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح ميمونه نعيم جي گهرواري اي ايف يو لائيف انشورنس کان 2015ع ۾ 460000 رپين جي انشورنس پاليسي حاصل ڪئي هئي. مڙس جي لاڏاڻي تي عورت انشورنس ڪليم جي دعويٰ داخل ڪئي جنهن کي ڪمپني رد ڪري ڇڏيو. ڪمپني فوتي پاران پاليسي حاصل ڪرڻ وقت هائي بلڊ پريشر جي بيماري لڪائ?? جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو. شڪايت ڪندڙ ??نصاف حاصل ڪر?? جي لاءِ وفاقي محتسب کي جدا جدا شڪايتون ??اخل ڪرايون. وفاقي محتسب شڪايت ڪندڙ ??ي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. وفاقي محتسب لاڳاپيل انشورنس ڪمپنين کي لاڳاپيل وارثن کي ڪليمز ادا ڪر?? جي هدايت ڪئي. بعد ۾ ڪمپنين محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر وٽ جدا جدا درخواستون ??اخل ڪيون. صدر ڪيسز جي حقيقتن جو جائزو وٺڻ ۽ ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ ڪمپنين جون ??رخواستون ??د ڪري ڇڏيون. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٻئي ڪمپنيون ??نشورنس کان اڳ جي بيمارين جي حوالي سان ڪو ثبوت پي?? ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، انشورنس کان اڳ جي بيمارين کي ثابت ڪر?? جي ذميواري لاڳاپيل ڪمپنين تي لاڳو ٿئي ٿي. صدر چيو ته انشورنس ڪليمز جي ترديد جي لاءِ بيمارين کي ثابت ڪر?? جي لاءِ ناقابل ترديد ثبوت جي ضرورت هوندي آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو ۽ چيو ته ذيابيطس ۽ هائي بلڊ پريشر جهڙين بيمارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير نٿو ڪري سگهجي، اهڙين بيمارين ۾ مبتلا اڪثر ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن وانگر زندگي گذارين ٿا. صدر وفاقي محتسب جي حڪمن کي برقرار رکندي لاڳاپيل ڪمپنين کي فوتي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي ڊيٿ انشورنس ڪليمز ادا ڪر?? جي هدايت ڪئي.
صدر پاران ٻن نجي انشورنس ڪمپنين کي ٻن فوتي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي 34 لک 60 هزار رپين جا ڊيٿ انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا