مدينو شريف – 07 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته حج جي ادائگي کا??پو??ِ هن وقت تائين مدي??ي شريف پهچندڙ حاجين ج?? انگ هڪ لک 42 هزار کان وڌي ويو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق سعودي حج ۽ عمري واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج کا??پو??ِ هن وقت تائين مدي??ي شريف ايندڙ حاجين جو تعلق مختلف ملڪن سان آهي جيڪي بسن ۽ حرمين ٽرين کان علاوه فضائي ذريعي پڻ مدي??ي شريف پهچي ويا آهن. وزارت چيو ته الهجره شاهراه تي قائم حاجين جي آجيان ڪندڙ مرڪز تي ايندڙ حاجين ج?? انگ 17 هزار 258 رهيو جيڪي بسن جي ذريعي مڪي شريف کان هتي پهتا. حرمين ٽرين ذريعي 1797 حاجي مدي??ي شريف آيا. حاجين جو مدي??ي شريف آمد ۽ اتان پنهنجن ملڪن کي روانگي جو سلسلو جاري آهي. حاجين جي روانگي جي حوالي سان وزارت چيو ته هن وقت تائين مديني جي زيارت ڪرڻ کا??پو??ِ 36 هزار 963 حاجي پنهنجن ملڪن ڏانهن روانو ٿي چڪا آهن. هن وقت هڪ لک 5 هزار 617 حاجي مدي??ي شريف ۾ موجود آهن جن جو تعلق مختلف ملڪن سان آهي.
ڏيڍ لک حاجي مديني شريف پهچي چڪا آهن: سعودي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی