آستانه -22 مئي (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شريڪ ايراني نائب پرڏيهي وزير مهدي سفاري ??ان ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن چين جي ميڊيا مطابق وانگ اي هڪ ڀيرو ٻيهر ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ان مشڪل جي گهڙي ۾ چين، مضبوطي سان ايراني دوستن سان گڏ بيٺل آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سپريم اڳواڻ جي قيادت ۾ ايراني حڪومت ۽ عوام طئي ٿيل حڪمت عملي کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اڳيان وڌائيندا ۽ ملڪ جي مستحڪم ترقي کي برقرار رکندا. صورتحال ۾ خواه ڪا به تبديلي آئي، چين هميشه وانگر ايران سان گڏ اسٽريٽجڪ سهڪار کي مضبوط ڪندو. ٻنهي ڌرين ج?? گڏيل مفادن جو تحفظ ڪرندو ۽ علائقائي ۽ عا??مي امن لاءِ ڪوششون جاري ??کندو. مهدي سفاري ??ن افسوسناڪ ح??دثي تي صدر شي جن پنگ ۽ پرڏيهي وزير وانگ اي طرفان تعزيت جو اظهار ڪرڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته ايران جون گهرو ۽ پرڏيهي پاليسيون تبديل نه ٿينديون ۽ ايران قومي تري ??ي عمل کي مضبوطي سان هٿي ڏيندو رهندو. ايران، چين سان گڏ پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي کي هٿي وٺائڻ تي چين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ايران لاڳاپيل عمل کي جاري ??کڻ ۽ خطي جي ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جو خواهشمند آهي.
مشڪل جي هن گهڙي ۾ ايران سان گڏ آهيون: چيني پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث