بغداد -06 آگسٽ (اي پي پي) عراق ۾ عين الاسد اي??ر بيس تي راڪيٽ ??مل?? ۾ ڪيترائي آمريڪي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن . فرانس جي خابرو اداري مطابق آمريڪي دفاع واري کاتي جي ترجمان چ??و آهي ته عين الاسد اي??ر بيس تي آمريڪي ۽ اتحادي فوج خلاف گذريل ڏينهن هڪ شڪي راڪيٽ ??مل?? ٿيو، جنهن سبب ڪيترائي آمريڪي اهلڪار زخمي ٿيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهلڪار ??مل?? بعد ٿيل نقصان جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ وڌيڪ معلومات دستياب ٿيڻ تي فراهم ڪئي ويندي. عراق جي فوجي ذريعن ان کان اڳ چيو هو ته اي??ر بيس تي ڪيترائي راڪيٽ فائر ڪيا ويا، ڪجهه ان جي اندر ڪريا ۽ ڪجهه ويجهن ڳوٺن ۾ ڪريا، پر ڪوبه نقصان ناهي ٿيو. واضع رهي ته عراق ۾ آمريڪي فوج جا 2500 ۽ شام ۾ 900 اهلڪار مقرر آهن.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن