پيرس-06 نومبر (اي پي پي) فرانس ۾ 7 خاندانن ٻارن کي نقصانڪار مواد سبب متاثر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ چين?? سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ تي ڪيس داخل ڪيو آهي. اي ايف پي موجب فرانسيسي خاندانن سوشل ميڊيا پليٽ فورم خلاف عدالت جو رخ ڪيو آهي. انهن خاندانن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ اٽڪل 1.6 ارب صارفين وارو اهو پليٽ فارم ٻارن کي اهڙو مواد فراهم ڪ??ي ٿو جيڪو انهن کي نقصان پهچائيندڙ، آپگهات ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جي عادتن ۾ خرابين طرف راغب ڪري ٿو انهن ۾ اهڙا خاندان ??ه شامل آهن جن جي نياڻين آپگهات ڪيو ۽ 4 اهڙا خاندان ??ه آهن جن جو چوڻ آهي ته ٻارن ٽڪ ٽاڪ جي مواد جي اثر هيٺ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم سان ??ڪايت ڪندڙ هڪ ٻئي خاندان ??و چوڻ آهي ته ان ??يپ سبب انهن جي ٻارکي کاڌي جو مسئلو ٿي ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ