اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪي ايندڙ مهيني بل جي صورت ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وي??ديو?? جنهن تحت اليڪشن ڪميشن کي مڪمل انتظامي ۽ مالياتي خودمختياري ڏني وي??دي، چونڊ تڪ وڌائڻ جي حوالي سان فيصلو آدمشماري کانپوءِ ڪيو وي??دو. ڪابينا ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فائرنگ سبب شهيد ٿيندڙن جي پونيئرن کي 5 لک رپيا ۽ سخت زخمين کي ڏيڍ لک رپين جي ادائيگي جي پڻ منظوري ڏني آهي. افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن جو عمل ڊسمبر 2017ع تائين مڪمل ڪيو وي??دو ۽ سرحد تي اميگريشن جا قانون لاڳو ڪيا وي??دا. اها ڳالهه قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌائي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سڄي ملڪ ۾ 46 جديد اسپتالون هنگامي بنيادن تي تعمير ڪيون پيون وڃن.
وفاقي ڪابينا پاران پارلياماني ڪميٽي جون سفارشون منظور
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو