اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪ??مت بلوچستان جي پوئتي پيل ڏاکڻين ضلعن لاءِ وڏي ترقي??تي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت انهن ضلعن ۾ بجلي، گئس ۽ رستن جي سهولت جي فراهمي لاءِ ٽي سالن ۾ 600 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا، انهن ضلعن ۾ نيشنل گرڊ ۽ ٻين ذريعن مان بجلي فراهم ڪئي ويندي، جيڪي ماڻهو مهانگي گئس نٿا خريد ڪري سگهن انهن جي احساس پرو??را?? تحت مدد ڪنداسين، پيڪيج تحت 16 نون ڊيمن جي تعمير سان هڪ لک 50 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، گلگت بلتستان جي عوام تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ان علائقي جي لاءِ به جامع ترقي??تي پيڪيج ڏنو ويندو، اندروني سنڌ ترقي جي لاءِ جامع حڪ??ت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪراچي جي لاءِ به پيڪيج ڏنو آهي، پي ڊي ايم جو بيانيو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، عوام جي مسئلن تي ڳالهين لاءِ اسان جا دروزا کليل آهن پر اين آر او نه ملندو. اطلاعات ۽ نشريات وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات واري وزير مراد سعيد، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن گذريل ڏينهن تربيت جو دورو ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪ??مت جي ذميداري آهي ته ملڪ ۽ معاشري جي ڪمزور ترين طبقن کي سهارو ڏنو وڃي، هن چيو ته وفاقي حڪ??مت بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن جي ترقي جي لاءِ جيڪو پيڪيج ڏنو آهي ان ۾ ??تي جي سڀ کان وڏين ضرورتن جو خيال رکيو ويو آهي، ??تي جي نوجوان آبادي جو وڏو حصو آهن، ??تي زراعت به هڪ وڏو ذريعو آهي جنهن جي لاءِ پاڻي جي ضرورت هوندي ۽ ان جي لاءِ ??تي ڊيم ٺا??ڻ هڪ ضرورت آهي، انهن علائقن جي مجموعي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقي??تي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهيون.
وفاقي حڪومت پاران بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن لاءِ وڏي ترقياتي پيڪيج جو اعلان
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia